ٿر هڪ تشريحي ببليوگرافي

ٿر هڪ تشريحي ببليوگرافي

ٿر هڪ تشريحي ببليوگرافي

ٿر- هڪ تشريحي ببليوگرافي (ڪتاب ):هي ڪتاب نامياري ليکڪ اشرف علي سمي جو لکيل آهي جنهن گهڻي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ٿر بابت ڇپيل ۽ قلمي مواد جي ببليوگرافي ترتيب ڏني آهي. هي ڪتاب ٿر بابت تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، ڇو ته هن ڪتاب ۾ انهن سڀني ڪتابن جو احوال ملي ٿو، جيڪي نه صرف ٿر، پر سنڌ جي تاريخ جا به ناياب ڪتاب آهن. هن ببليوگرافيءَ ۾ ليکڪ ڪتابن جو تعارف به ڏنو آهي. ليکڪ هن ڪتاب کي چئن بابن ۾ ورهايو آهي. پهريون باب ٿر بابت بنيادي ۽ تاريخي ماخذن تي مشتمل آهي. باب ٻئين ۽ ٽئين ۾ ٻين مختلف ڪتابن جو وچور آهي ۽ باب چوٿين ۾ ٿر بابت رسالن ۾ ڇپيل مواد جو وچور ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب جو تعارف نامياري عالم ايم. ايڇ. پنهور لکيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر غلام محمد لاکي تفصيلي مقدمو لکيو آهي. ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد وارو هي ڪتاب، مخدوم بلاول پبلڪيشن، اسلام ڪوٽ پاران 2004ع ۾ شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ 128 صفحا آهن ۽ قيمت 100 رپيا لکيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو